سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ماڙي جلباڻي واقعي ۽ سڪرنڊ پوليس طرفان ڳوٺاڻن مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف قومپرست تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
دولتپورصفن ۾ ماڙي جلباڻي واقعي ۽ ڳوٺاڻن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ خلاف جسقم ڪارڪنن طرفان نذير ڏاهري، مٺل جسڪاڻي، فقير ساونل انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪورٽ روڊ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعري بازي ڪئي.
فيض گنج ۾ جسقم ۽ روا داري تحريڪ جي ڪارڪنن پاران ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
احتجاجي ڪندڙن جو چوڻ هو ته ماڙي جلباڻي واقعو به ٽنڊو بهاول ۽ ٽوڙهي ڦاٽڪ واقع جو تسلسل آهي.
هنن چيو ته هي ڪٿا جو قانون آهي جو هٿين خالي ڳوٺاڻن مٿان فائرنگ ڪري کين قتل ڪيو ٿو وڃي.
مظاهرين چيو ته بي گناهه قتل ڪيل پورهيتن جي قتل جو ڪيس اهلڪارن مٿان داخل ڪرڻ بدران الٽو ڳوٺاڻن مٿان داخل ڪيو ويو آهي، جيڪا سراسر ناجائزي آهي.
هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي آهي ته واقعي جي جاچ ايماندار جج کان ڪرائي ڳوٺاڻن مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي.
