سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جاري

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جاري آهي. ڪراچي جي ملير، قائد آباد، پپري، سپر هاءِ وي، گلشن اقبال، گلستان جوهر ۾ وسڪاري بعد موسم وڻندڙ ٿي وئي. ناظم آباد، نارٿ ناطم آباد، صدر، ڊفينس، ڪلفٽن ۾ به برسات بعد گرمي جو زور گهٽجي ويو. ٺٽو، مڪلي، گجو، گهارو،ميرپور ساڪرو، ڪينجهر ۽ ٻين علائقن ۾ وسڪاري سبب بجلي جو نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو. سجاول جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. مٽياري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي تيز تي ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي. هالا، ڀاڻوٽ، کنڊو، ڪرم خان نظاماڻي ۽ ٻين علائقن ۾ گذريل ڏينهن کان جاري برسات سبب فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو امڪان آهي. ڪوٽڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن برسات ۽ تيز هوائون هلڻ سبب بجلي جا پول ڪري پيا، نتيجي ۾ ڄامشوري، ڪوٽڙي ۽ سائيٽ واري علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي. اڏيرو لال جي مختلف علائقن ۾ به تيز هوا ۽ گجگوڙ سان برسات پوڻ سبب مواصلاتي نظام ڊاوان ڊول ٿي ويو، جڏهن ته هيٺانهين وارا علائقن ۾ پاڻي به بيهجي ويو. جاتي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به ڦڙ ڦڙ سبب موسم وڻندڙ ٿي وئي. نئون ڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به هلڪي برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي. ماتلي ۾ به برسات پوڻ سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. سرهاڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات پوڻ سبب ڪڻڪ جي فصل کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. شِيخ ڀرڪيو ۾ وقفي وقفي سان برسات پوڻ سبب بجلي جو نظام ڊانوان ڊو ٿي ويو آهي. مانجهند ۽ کپري ۾ برسات پوڻ بعد گرمي جو زور گهٽجي ويو آهي…………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
52%
4m/s
95%
سُومر
19 °
اڱارو
27 °
اربع
26 °
خميس
24 °
جمعو
24 °

تازه ترين خبرون