تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 27هين آئيني ترميم خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 27هين آئيني ترميم خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي. ڪراچي بار ايسوسيئيشن طرفان اڄ ٻئي ڏينهن به سٽي ڪورٽ ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري هڙتال ڪئي وئي آهي. ڪراچي بار طرفان ضلعي سيشن جج ڏکڻ، اوڀر، اولھه ۽ سينٽرل کي خط لکي وڪيلن طرفان عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ بابت آگاهي ڏني وئي. ڪراچي بار ججز کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته اڄ 15هين نومبر تي سنڌ بار ڪائونسل جي اعلان تي وڪيل عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري هڙتال ڪري رهيا آهن. ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ جو چوڻ هو ته سنڌ بار ڪائونسل جي اعلان تي وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو اڄ ٻئي ڏينهن به بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. صدر ڪراچي بار جو چوڻ هو ته هڙتال 27 هين آئيني ترميم خلاف ڪئي پئي وڃي. سٽي ڪورٽ ۾ هڙتال سبب وڪيلن طرفان اڄ ٻئي به عدالت جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن، ڪنهن به سائيلن کي عدالتن ۾ داخل ٿيڻ نه پيو ڏنو وڃي . پوليس پاران جيل مان قيدين کي عدالتن ۾ نه آندو ويو آهي. حيدرآباد ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ، سول ڪورٽ، اينٽي ڪرپشن ڪورٽ، بئنڪنگ ڪورٽ، ليبر ڪورٽ، دهشتگردي ٽوڙ ڪورٽ سميت سمورين عدالتن ۾ ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. نوابشاهه ۾ به سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو جنهن سبب ڪيسن جون ٻڌڻيون نه ٿي سگهيون. نوشهروفيروز ۾ وڪيلن طرفان عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري عدالتي ڪم بند رکيو ويو جنهن سبب ڪنهن به ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي. سکر ۾ وڪيلن طرفان ڪنوينشن ڪوٺايو پيو وڃي جتي احتجاج بابت اڳتي لاءِ حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو، جنهن سبب سمورن ڪورٽن جا وڪيل سکر طرف روانا ٿي رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
20.9 ° C
20.9 °
20.9 °
36 %
2.3kmh
80 %
آچر
21 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون