- Advertisement -
کھڙا ويجهو ڳوٺ ريڊر لاشاري ۾ ايڇ آءِ وي سان متاثر وڌيڪ هڪ ٻار فوت ٿي ويو، جنهن بعد علائقي ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي آهي.
10مهينن جو حسن دستگير ولد نويد لاشاري فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ هفتو اڳ ساڳئي ڳوٺ ۾ ٽن ورهين جي صائمه ڌيءَ نادر لاشاري پڻ فوت ٿي چڪي آهي.
متاثر خاندانن صحت جي سهولتن ۾ مبينا لاپرواهي جا الزام هڻندي شفاف جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.
ٻئي طرف علائقي واسين ايڇ آءِ وي جي وڌندڙ ڪيسن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي اثرائتا قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
صحت کاتي ۽ گمبٽ گمس اسپتال انتظاميه جو باضابطه موقف اڃا تائين سامهون نه اچي سگهيو آهي.- Advertisement -
