تازه ترين

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ آپگهات جي ڌار ڌار واقعن ۾  ٻن نوجوانن زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ آپگهات جي ڌار ڌار واقعن ۾  ٻن نوجوانن زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. موري ويجهو نوجوان مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو. ڳوٺ ھوت خان بھراڻي ۾ نوجوان اقرار جوڻيجو زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو آهي. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي مقامي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي آپگهات ڪرڻ جو ڪوبه ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو. ڪرونڊي ڀرسان والدين جي اڪيلي پٽ  موبائل فون نه وٺي ڏيڻ تان مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو. ڳوٺ جلال خاصخيلي ۾ محمد رمضان خاصخيلي زهر پي پنهنجي زندگيءَ جو انت آندو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. مائٽن جو چوڻ هو ته والد پاران موبائل فون وٺي ڏيڻ کان منع ڪرڻ تي نوجوان آپگهات ڪيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
21 %
2.8kmh
1 %
سُومر
27 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون