سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌارڌار روڊ حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌارڌار روڊ حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا. اڳڙا ويجهو مهرو واهڻ ڀرسان مزدا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي. حادثي ۾ نوجوان ڪاشف آرائين موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو. ٻي پاسي ڊکڻ ويجهو انڊس هاءِ وي تي  ڪوهيڙي سبب موٽرسائيڪل بيٺل ٽراليءَ سان ٽڪرائجي وئي، نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. حادثي ۾ مصور اوڍو فوت ۽ ذيشان ٻوهڙو زخمي ٿي پيو، فوتيءَ جو مڙهه ۽ زخميءَ کي اسپتال منتقل ڪيو ويو……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.9 ° C
24.9 °
24.9 °
36%
3.8m/s
6%
ڇنڇر
25 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون