تازه ترين

سنڌ ڪابينا 33سئو ارب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ ڪابينا 33سئو ارب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير مرادعلي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ جي  بجيٽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 10 نقاطي ايجنڊا تحت جوڙي وئي آهي، عام چونڊن ۾ عوام سان ڪيل واعدن تي عمل ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو پري بجيٽ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزير، چيف سيڪريٽري، پي اينڊ ڊي چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ نئين مالي سال 25-2024 جي بجيٽ تجويزن تي غور ڪيو ويو. سنڌ ڪابينا 33سئو ارب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجورو 38 هزار مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ پگهارون 22  کان 25 سيڪڙو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. تعليم کاتي لاءِ 400 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي، جڏهن ته  3 هزار کان وڌيڪ نيون نوڪريون پيدا ڪيون وينديون. سنڌ ڪابينا پاران   گهرو کاتي لاءِ 170 ارب ۽ صحت کاتي لاءِ 275 ارب رپيا رکڻ جو فيصلو. اجلاس کي خطاب ڪندي  وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ جي  بجيٽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 10 نقاطي ايجنڊا تحت جوڙي وئي آهي، عام چونڊن ۾ عوام سان ڪيل واعدن تي عمل ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته بجيٽ ۾ غربت جي خاتمي ۽ عوام کي سهولتن جي فراهمي جون تجويزون غور هيٺ آهن. وڏي وزير جو چوڻ هو ته بجيٽ ۾ غربت جي خاتمي ۽ عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ جون تجويزون آهن. وڏي وزير جي ترجمان موجب اجلاس ۾ نئين مالي سال ۾ سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌائڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو. وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ ڪابينا رٽائرڊ ملازمن جي پينشن وڌائڻ تي به غور ڪري رهي آهي………….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32 ° C
32 °
32 °
7 %
3.5kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
35 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون