سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر عهدي جو قسم کڻي ورتو، هو سنڌ جو اٺون نگران وڏو وزير آهي.
نگران وڏي وزير جي قسم کڻڻ واري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي، جنهن ۾ عهدو ڇڏيندڙ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن سميت سياسي سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوريءَ نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر کي قسم کڻايو.
ان کان اڳ عهدو ڇڏيندڙ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي وزيراعليٰ هائوس ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ڪابينا ميمبرن، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، صوبائي سيڪريٽرين ۽ پوليس جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
