سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت هيٺ عام چونڊن جي تياري بابت لاڙڪاڻي ڊويزن جو اهم اجلاس

- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت هيٺ عام چونڊن جي تياري بابت لاڙڪاڻي ڊويزن جو اهم اجلاس ٿيو آهي، نگران وڏي وزير جو چوڻ آهي ته عام چونڊن دوران بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائي وڃي، حساس چونڊ مواد جي حفاظت لاءِ ڊي آر او آفيس ۾ باهه وسائڻ جا اوزار فراهم ڪيا وڃن. سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت هيٺ عام چونڊن جي تياري بابت لاڙڪاڻي ڊويزن جو اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، آءِ جي سنڌ رفعت مختار، ڪمشنر لاڙڪاڻي عبدالوحيد شيخ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ناصر آفتاب، ڊپٽي ڪمشنر شرجيل چنه ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن جي شرڪت ڪئي. نگران وڏي وزير کي ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي طرفان عام چونڊن جي انتظامن بابت بريفنگ ڏني وئي. نگران وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ڪمشنر لاڙڪاڻي چيو ته لاڙڪاڻي ڊويزن جي ٽوٽل آباد 6 ڏهائي 913 ملين آهي، ڊويزن جي پنجن ضلعن جي 21 تعلقن ۾ 35 لک 92 هزار 271  ووٽر آهن، ڊويزن ۾ قومي اسيمبليءَ جي 8 سيٽن تي 95 اميدوار ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي 17 سيٽن تي 236 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن. ڪمشنر لاڙڪاڻي چيو ته لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ مجموعي طور 2 هزار 738 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن جن مان 619 حساس ۽ 813 انتهائي حساس آهن، سياسي پارٽين کي رڳو مخصوص سائز جا پوسٽر، بئنر، هينڊ بل ۽ پمفليٽ استعمال ڪرڻ جي اجازت آهي، ڀتين ۽ عمارتن تي پوسٽ لڳائڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. ڪمشنر لاڙڪاڻي بريفنگ ڏيندي چيو ته مقامي انتظاميه جي اجازت سان ڪارنر گڏجاڻيون ڪرڻ جي اجازت آهي، 8 فيبروري تي عام چونڊن لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ڊويزن ۾ مجموعي طور تي16 هزار 704 پوليس اهلڪار سيڪيورٽيءَ جا فرض سرانجام ڏيندا، آرمي جا 2 هزار 552 جوان ۽ ڪوئيڪ ري ايڪشن فورس جا 133 اهلڪار الرٽ رهندا. ڪمشنر لاڙڪاڻي چيو ته انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳايون ويون آهن، نگران وڏي وزير جي هدايت تي ڊپٽي ڪمشرن ذريعي هڪ ڊجيٽل هينڊ بڪ تيار ڪئي وئي آهي، ڊجيٽل هينڊ بڪ ۾ عام چونڊن 2024 بابت اهم فون نمبر ۽ ايمرجنسي نمبر هوندا، صحت جون سمورن سهولتون عام چونڊن دوران کليل رهنديون. سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته 7، 8 ۽ 9 فيبروري تي بجلي جي بنا رنڊڪ جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، حساس چونڊ مواد جي حفاظت لاءِ ڊي آر او آفيس ۾ باهه وسائڻ جا اوزار فراهم ڪيا وڃن، چونڊ عمل جي باري ۾ غلط معلومات يا غلط پروپيگنڊا کان بچڻ لاءِ چونڊن واري ڏينهن خبرن جي درست رسائي کي يقيني بڻايو وڃي…….. چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم ۽ آءِ جي سنڌ رفعت مختار وڏي وزير کي ٻڌايو ته هو چونڊن جي حوالي سان اجلاس ڪندا رهيا آهن. چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته هنن ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميه کي اجلاسن ذريعي ضروي هدايتون ڏنيون آهن. آءِ جي سنڌ رفعت مختار جو چوڻ آهي ته اليڪشن مٽيريل آڻڻ لاءِ پوليس، رينجرز ۽ آرمي جون ٽيمون گڏ هونديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون