- Advertisement -
وفاق ۽ سنڌ سرڪار ۾ ڄامشوري کان سيوهڻ تائين روڊ ايندڙ سال 23 مارچ تائين مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان مواصلات ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير عليم خان ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ روڊ لاءِ اين او سي گهڻي وقت کان رولڙي جو شڪار آهي.
وفاقي وزير عليم خان چيو ته اين ايڇ اي گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ روڊ جي اين او سي ڏئي ڇڏي آهي، اين ايڇ اي لنڪ روڊ ايم نائن انٽر چينج تي ڪم شروع ڪري رهي آهي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ايم نائن انٽر چينج تي 2012ع ۾ ڪم شروع ڪيو ويو هو.
وفاقي وزير عليم خان چيو ته ٺل لنڪ روڊ جي انٽر چينج تي به ڪم شروع ڪري رهي آهي.
ملاقات دوران ملير موٽر وي جو انٽر چينج ۾ مين روڊ سان لنڪ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ايم سڪس سکر حيدرآباد موٽر وي بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سکر حيدرآباد موٽر وي گهڻي وقت کان رولڙي جو شڪار آهي.
وفاق ۽ سنڌ حڪومت پاران سکر حيدرآباد موٽر وي جي تعمير بابت گڏيل طور تي ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ لاءِ ايم سڪس سکر حيدرآباد موٽر وي اهم آهي، ايم سڪس گڏجي ٺاهڻ لاءِ اسٽڊي ڪري وفاقي حڪومت کي ٻڌائيندا.
وفاق ۽ سنڌ سرڪار ۾ ڄامشوري کان سيوهڻ تائين روڊ ايندڙ سال 23 مارچ تائين مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو.
سنڌ جي وڏي وزير لياري ايڪسپريس وي سنڌ سرڪار حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته لياري ايڪسپريس وي کي ڇهن مهينن ۾ اپگريڊ ڪري هيوي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو……….- Advertisement -
