تازه ترين

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان ڪراچي شهر جون 6 رٿائون فوري طورشروع ڪرڻ جي هدايت

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان ڪراچي شهر جون 6 رٿائون فوري طورشروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي شهر جي مسئلن بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدرشاهه، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه، خزاني واري سيڪريٽري فياض جتوئي، سيڪريٽري ٽو سي ايم رحيم شيخ، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ميونسپل ڪمشنر افضل زيدي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلديا ۾ اسٽيڊيم جي بحالي، ميمڻ ڳوٺ ۾ روڊ جي تعمير، شهر جي يوسيز سميت ملير ۾ ڪميونٽي سينٽر قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي ميئر ڪراچي وڏي وزير کي آگاهي ڏني ته سندس ڏنل هدايتن تي 6 اسڪيمن جا ڊزائين ٺاهيا پيا وڃن، ڊزائين مڪمل ٿيڻ بعد انهن تي ڪم شروع ڪيو ويندو. اجلاس ۾ وڏي وزير ڪراچي ۾ پراپرٽي ٽيڪس جو ڪم جلد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جنهن تي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني وڏي وزير کي سروي جو ڪم شروع ٿيڻ بابت آگاهي ڏني. مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني جو چوڻ هو ته ورلڊ بئنڪ سان واڪ جي تشخيص جي رپورٽ شيئر ڪئي آهي، جيئن ئي ورلڊ بئنڪ رپورٽ جي منظوري ڏيندي پراپرٽي سروي تي ڪم شروع ڪيو ويندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪراچي جي 25 ٽائونز لاءِ ڪلڪ پروجيڪٽ تحت 10 هزار 430 ملن روپيا مخصوص ڪيا ويا آهن، سموري ڪراچي ۾ مخصوص ڪيل رقم تحت ترقياتي ڪم شروع ڪرايا وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
45 %
1.3kmh
0 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون