سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران برسات متاثر علائقن جا دورا

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ملير، ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي برسات متاثر علائقن جا دورا ڪيا ويا. وڏي وزير  دوري دوران ملير ندي، گهاري ويجهو تعمير ٿيندڙ پل، ٺٽي ، بدين  ۽ سجاول ۾ سم نالن جو معائنو ڪيو. ٺٽي ۾ رين ايمرجنسي بابت فوڪل پرسن ۽ صوبائي وزير علي حسن زرداري وڏي وزير کي برسات بابت بريفنگ ڏني. وڏي وزير مراد علي شاهه سجاول ويجهو دولهه دريا خان پل وٽان سنڌو درياهه ۾ پاڻي صورتحال جو جائزرو ورتو. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن تائين برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته  هن وقت تائين صورتحال ڪنٽرول هيٺ آهي، سنڌ حڪومت جا سمورا ادارا متحرڪ آهن. مرادعلي شاهه جو چوڻ هو ته  سنڌو درياهه جا وهڪرا نارمل وهي  رهيا آهن، عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته برسات صورتحال جو پاڻ جائزو وٺڻ لاءِ ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي دوري تي نڪتل آهيان. وڏي وزير چيو ته سمورن ادارن جي هو پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي، ڪا به ڪو تاهي برداشت نه ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
43%
2.8m/s
0%
سُومر
24 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
26 °

تازه ترين خبرون