تازه ترين

سنڌ جي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جا 6 هزار 342 استاد گوسڙو قرار

- Advertisement -
لاڙڪاڻي ضلعي جي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جي 328 استادن سميت سڄي سنڌ مان ڇھه هزار 342 استادن کي ايبسڪانڊر ڊڪليئر ڪيو ويو آهي، جيڪي 2016ع کان اسڪولن مان غير حاضر رهيا آهن. اهڙي رپورٽ بائيو ميٽرڪ ڪندڙ ٽيم جي چيف مانيٽرنگ اسڪولن جي ڊائريڪٽر پاران تعليم کاتي واري صوبائي وزير کي ڏني وئي آهي. رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته ايبسڪانڊر قرار ڏنل استادن جون آئي ڊيز بند ڪيون وڃن، 2016ع کان اسڪولن ۾ نه ويندڙ استاد پگهارون کڻندا رهيا آهن. رپورٽ موجب، غير حاضر رهندڙ استادن ۾ ڪيترائي استاد سعودي عرب، دبئي، قطر ۽ عمان ۾ رهن ٿا، اهڙن استادن خلاف تعليم کاتي پاران سخت قدم کنيا پيا وڃن، کين نوڪري مان فارغ ڪيو ويندو، پهرين مرحلي ۾ انهن جون آئي ڊيز بند ڪيون پيون وڃن. ڊي اِي او پرائمري جو چوڻ آهي ته بائيو ميٽرڪ جي چيف مانيٽرنگ ڪميٽي سروي ڪري اهڙن غير حاضر رهندڙ استادن جون لسٽون جاري ڪيون آهن، لسٽن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جا 328 استاد به شامل آهن. انيس الرحمان جلباڻي چيو ته هاڻي تعليم کاتي ۾ اهڙن استادن کي رهڻ جو ڪوئي حق ناهي جيڪي اسڪولن ۾ ٻارن کي پڙهائڻ بدران مفت جي پگهار کڻن ٿا، کين نوڪرين مان فارغ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
3 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.8 ° C
29.8 °
29.8 °
21 %
2.8kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون