- Advertisement -
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوريءَ حيدرآباد جي شهرين کي آءِ ٽي ڪورس ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ گورنر چيو ته حيدرآباد ۾ آءِ ٽي پروگرام جي انٽري ٽيسٽ لاءِ رجسٽريشن جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته رجسٽريشن ويب سائيٽ تي شروع ڪئي وئي آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ حيدرآباد اندر آءِ ٽي جي ٽيسٽ ٿيندي.
ڪامران ٽسوري چيو ته هو چاهي ٿو ته سمورا ماڻهو ان ۾ رجسٽر ٿين ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ مهارت حاصل ڪري 15 کان 20 لک رپيا ماهوار ڪمائي سگهن.
سنڌ جي گورنر چيو هت شهري ڪامران ٽسوري ڊام ڪام تي پنهنجي رجسٽريشن ڪرائن ۽ آءِ ٽي يونيورسٽي حيدرآباد ۾ داخلا لاءِ تيار ٿين- Advertisement -
