- Advertisement -
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري کي هٽائي بشير ميمڻ کي نئون گورنر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم فيصلي کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪئي آهي.
مسلم ليگ ن ۽ پ پ ۾ گورنر لاءِ بشير ميمڻ جي نالي تي اتفاق ڪري ورتو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف زرداري کي گورنر جي تبديلي لاءِ اعتماد ۾ ورتو.
مسلم ليگ ن سنڌ جو صدر بشير ميمڻ سنڌ جو نئون گورنر مقرر ٿيندو، نئين گورنر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ٿيندو.
صدر آصف زرداري بشير ميمڻ جي مقرري تي ناراضگي ختم ڪري ڇڏي آهي.
بشير ميمڻ پ پ کي سنڌ جي معاملن تي آن بورڊ رکندو.
ذيعن موجب نائب وزيراعظم اسحاق ڊار به پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سان ملاقات ڪري گورنر جي تبديليءَ بابت وفاقي حڪومت جي خواهش بابت آگاهه ڪيو.
ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداريءَ اسحاق ڊار کي جواب ڏنو ته معاهدي موجب سنڌ جو گورنر لڳائڻ جو اختيار ن ليگ وٽ آهي، اسحاق ڊار چيو ته هو بشير ميمڻ کي گورنر بڻائڻ تي غور ڪري رهيا آهن، بلاول کيس جواب ڏنو ته جيڪو به گورنر مقرر ڪيو کين ڪو به اعتراض ناهي.
هوڏانهن ، ايم ڪيو ايم گورنر جي تبديلي تي اڻڄاڻائي ظاهر ڪئي آهي.
ايم ڪيو ايم جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ گورنر جي تبديليءَ تي اڃا تائين اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، گورنر هٽائڻ واري خبر ٽي وي ذريعي ملي آهي.- Advertisement -
