تازه ترين

سنڌ حڪومت سرڪاري يونيورسٽين ۾ فيس ۾ واڌ کي سرڪاري منظوري سان مشروط ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ حڪومت سرڪاري يونيورسٽين ۾ فيس ۾ واڌ کي سرڪاري منظوري سان مشروط ڪري ڇڏيو. سنڌ حڪومت صوبي ۾ نائين کان ٻارهين درجي تائين نئون گريڊنگ سسٽم آڻڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو جو چوڻ آهي ته وفاق يونيورسٽين جي گرانٽ ۾ اضافو نٿو ڪري، هر سال گهٽتائي اچي ٿي، گرانٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي. هن چيو ته گرانٽ ۾ گهٽتائي سبب سرڪاري يونيورسٽيون مالي دٻاءَ جو شڪار آهن، سنڌ حڪومت اضافي گرانٽ ذريعي تعليمي عمل کي متاثر ٿيڻ کان بچائي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيون خرچن جي وڌڻ سبب فيسن ۾ واڌ ڪن ٿيون. محمد اسماعيل راهو چيو ته فيس ۾ واڌ کان اڳ سنڌ حڪومت جي اڳواٽ منظوري لازمي هوندي، شاگردن تي فيسن جو اضافي بار نه وڌو ويندو. هن چيو ته تعليمي خرچن جو وڏو حصو حڪومت برداشت ڪندي پئي اچي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن تعليم، صحت ۽ عوامي ڀلائي سان لاڳاپيل آهي، سنڌ حڪومت تعليم کي معياري بڻائڻ ۽ عام ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
18 %
2kmh
0 %
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
34 °
آچر
35 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون