سنڌ حڪومت صوبي ۾ برساتن سبب فصلن کي ٿيل نقصان جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

- Advertisement -
سنڌ حڪومت صوبي ۾ برساتن سبب فصلن کي ٿيل نقصان جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا  آهن. زراعت واري صوبائي وزير محمد بخش مھر چيو آهي ته برساتن سبب سنڌ جي هارين کي 86 ڏهائي 86 بلين روپين جو نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته صوبي ۾ برسات سبب 5 لک 41 هزار 351 ايڪڙ زمين تي بيٺل فصلن کي نقصان پهتو آهي. سندس چوڻ هو ته 2 لک 93 هزار 580 ايڪڙن تي بيٺل وونئڻن ۽ 35 هزار 271 ايڪڙن تي بيٺل سارين جي فصل کي مڪمل پهتو آهي محمد بخش مهر چيو ته 53 هزار 195 ايڪڙن تي بيٺل کجين کي مڪمل ۽ 32 هزار 849 کي جزوي نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ 26 هزار 382 ايڪڙ زمين تي بيٺل ڪمند جو فصل مڪمل تباھ ۽ 69 هزار 689 ايڪڙ فصل کي جزوي نقصان پهتو آهي. سندس چوڻ هو ته برسات سبب ٽماٽي، ترن ۽  بصرن سميت ڀاڄين کي به نقصان ٿيو آهي. محمد بخش مھر چيو ته بدين، دادو، گهوٽڪي، سکر، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سانگهڙ، ٺٽو، سجاول، ميرپورخاص، خيرپور، عمرڪوٽ، ٽنڊوالهيار، شڪارپور، شهيد بينظير آباد، مٽياري، ٽنڊو محمد خان ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ فصلن کي نقصان پهتو آهي. صوبائي وزير محمد بخش مهر زراعت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته جزوي طور تباهه ٿيل فصلن کي بچائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.6 ° C
15.6 °
15.6 °
36%
1.5m/s
3%
سُومر
15 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
23 °
جمعو
20 °

تازه ترين خبرون