تازه ترين

سنڌ حڪومت ڪراچي کي نه رڳو سنڌ بلڪ پاڪستان جو سڀ کان ترقي يافتا ۽ جديد شهر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي : شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي کي نه رڳو سنڌ بلڪ پاڪستان جو سڀ کان ترقي يافتا ۽ جديد شهر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هڪ بيان ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي ترقي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، ڪراچي جي ترقي سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. سندس چوڻ هو ته شهر جي بنيادي ڍانچي، تعليم، صحت ۽ ٻين اهم شعبن تي ڪم جاري آهي ته جيئن ڪراچي کي هڪ جديد، پائيدار ۽ شموليتي شهر بڻائي سگهجي. هن چيو ته ڪراچي ۾ روڊن ۽ ٽريفڪ جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ لاءِ گڏيل طور تي 194 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ٽريفڪ جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ لاءِ شاهراهه ڀٽو، ڪوريڊور، ملير ندي پل ۽ مختلف انڊر پاسز ۽ فلاءِ اوورز تي ڪم جاري آهي. سينيئر صوبائي وزير جو چوڻ هو ته شاهراهه ڀٽو، ملير ندي پل، انڊر پاسز ۽ فلاءِ اوورز جا منصوبا ٽريفڪ جي دٻاءَ کي گهٽائيندا ۽ شهر ۾ اچ وڃ ۾ تيزي ايندي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي اهم منصوبن تي ڪم مارچ تائين شروع ٿي ويندو، معيار ۽ وقت جي پابندي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪراچي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ 9 ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتالن جي واڌ ۽ نوان ميڊيڪل ڪاليجز قائم ڪرڻ لاءِ 3 سئو ارب رپين مخصوص ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 155.34 ارب رپيا بس ريپڊ ٽرانزٽ منصوبا ريڊ، ييلو ۽ اورنگ لائن لاءِ وقف آهن. سينيئر صوبائي وزير جو چوڻ هو ته اهي چاهين ٿا ته ڪراچي جا شهري هر شعب ي۾ ترقي جي تبديلي محسوس ڪن. سندس چوڻ هو ته هنن جو هر منصوبو، هر رپيو، ڪراچي جي شهرين جي زندگين ۾ بهتري، سهولتون ۽ خوشحالي لاءِ وقف آهي. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته پائيدار انفرااسٽرڪچر، معياري تعليم، صحت جون بهترين سهولتون، جديد ماس ٽرانزٽ، صاف پاڻي ۽ محفوظ هائوسنگ ڪراچي لاءِ حڪمت عملي ۾ شامل آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
3 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
41 %
2.4kmh
4 %
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون