- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي پيداوار وڌائڻ لاءِ 55 ارب رپين جو پيڪيج منظور ڪيو آهي، پيڪيج تحت 4 لک 12 هزار ننڍن آبادگارن کي يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ فراهم ڪيو پيو وڃي، انشاءَ الله هلندڙ سال 22 لک ايڪڙ ڪڻڪ جي پوکي ڪئي ويندي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪڻڪ جي آبادگارن جي سپورٽ پروگرام بابت اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري زراعت زمان ناريجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي پيداوار وڌائڻ لاءِ 55 ارب رپين جو پيڪيج منظور ڪيو آهي، پيڪيج تحت 4 لک 12 هزار ننڍن آبادگارن کي يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ فراهم ڪيو پيو وڃي.
مراد علي شاهه چيو ته انشاءَ الله هلندڙ سال 22 لک ايڪڙ ڪڻڪ جي پوکي ڪئي ويندي.
وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي ته هارين جي زمين جي رڪارڊ جي تصديق لاءِ اينڊرائيڊ بيسڊ ايپ ٺاهي وئي آهي، اينڊرائيڊ ايپ آن لائن ۽ آف لائن ٻنهي صورتن ۾ ڪم ڪندي.
مراد علي شاهه کي آگاهي ڏني وئي ته هيڊ آفيس ۽ ضلعن کي جوڙڻ لاءِ مانيٽرنگ ڊيش بورڊ تيار ڪيو ويو، جنهن کي ايس ايم ايس سروس سان ڳنڍيو ويو آهي، سنڌ بينڪ وٽ 4 لک هاري ڪارڊ اچي ويا آهن.
سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڪئي ته ننڍن آبادگارن کي فوري مالي امداد جي رقم منتقل ڪئي وڃي.
مراد علي شاهه چيو ته ڪڻڪ جي پوکي شروع ٿي وئي آهي ان لاءِ يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ ضروري آهي….
- Advertisement -
