- Advertisement -
سنڌ روينيو بورڊ ٽارگيٽ کان وڌيڪ اوڳاڙي ڪري ورتي، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ روينيو بورڊ روينيو اوڳاڙي جو ٽارگيٽ پار ڪندي اهم ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ روينيو بورڊ کي ٽارگيٽ کان وڌيڪ اوڳاڙي ڪرڻ تي واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته روينيو جي اوڳاڙي ٽارگيٽ کان مٿي وڃڻ اهم ڪاميابي آهي، جنهن ۾ غيرمعمولي ماهوار روينيو گڏ ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته جون مهيني دوران 28 بلين رپين جي اوڳاڙي سڀ کان وڌيڪ روينيو ڪليڪشن آهي، سنڌ روينيو بورڊ 28 سيڪڙو وڌيڪ اوڳاڙي ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته 2023۽ 2024 دوران 237 بلين رپين جو روينيو گڏ ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي وئي آهي.
وڏي وزير چيو ته گذريل سال جي اوڳاڙي جي مقابلي ۾ هن ڀيري 185 بلين رپيا يعني 28 سيڪڙو وڌيڪ آهي، هڪ ڏهائي 21 سيڪڙو جي گهٽ جي ڊي پي گروٿ ۽ گذريل ڪجهه سالن کان ٽيڪس فري بجيٽ باوجود متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي جو مظهارو ڪيو ويو آهي.
مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته هي اهم ڪاميابي ايس بي آر جي افرادي قوت جي اڻٿڪ محنت ۽ ثابت قدمي جو مثال آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ايس بي آر جي ٽيم کي ٽيڪس ڏيندڙ جو ڀرپور اعتماد ۽ سهڪار حاصل آهي.
هن چيو ته ايس بي آر ماڻهن لاءِ آمدني پيدا ڪرڻ جي پنهنجي مشن کي جاري رکڻ جو عزم ورجايو آهي.- Advertisement -
