تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ سرڪار ايندڙ هفتي کان ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بسون ۽ اي وي بسون هلائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ سرڪار ايندڙ هفتي کان ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بسون ۽ اي وي بسون هلائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته وڌيڪ ٽن ضلعن ۾ پيپلز بس سروس جا نوان روڊ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ايم ڊي، ايس ايم ٽي اي ڪنول نظام ڀٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ کي ييلو لائن بي آر ٽي ۽ ريڊ لائن بي آر ٽي جي ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني وئي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي ڪراچي ۾ اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ ۽ پنڪ اسڪوٽيز جي ٻئي مرحلي تي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته اميد آهي ته ڊبل ڊيڪر بسون ۽ نيون اي وي بسون ايندڙ هفتي تائين ڪراچي ۾ پهچي وينديون. هن چيو ته ڪراچي جي عوام لاءِ ڊبل ڊيڪر جو روٽ شروع ڪرڻ سان گڏ اي وي بسن جا نوان روٽ شروع ڪيون پيون وڃن. سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار ڊسمبر مهيني تائين اي وي ٽيڪسي شروع ڪرڻ ۽ هلندڙ مالي سال ۾ وڌيڪ پنج سئون بسون آڻڻ جو ارادو رکي ٿي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به تمام جلد پيپلز بس سروس شروع جا نوان روڊ به شروع ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته نون روٽن لاءِ آپريشنل تياريون مڪمل ڪيون وڃن. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سمورن ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ عورتن ۽ شاگردياڻين کي اسڪوٽيز هلائڻ جي تربيت جو سلسلو به شروع ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
51 %
1.4kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون