- Advertisement -
سنڌ سرڪار زمينن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته مالڪاڻن حقن جو رڪارڊ سٺ ستر سالن کان مينوئل ئي ٺهي پيو جيڪو هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي، ماڻهو تپيدارن ۽ مختيارڪارن پويان رلي رهيا آهن ۽ عدالتن ڪاررواين ۾ ڦاٿل آهن، مالڪاڻا حق قانوني دستاويز آهي جنهن ۾ ڌرين کي ٻڌڻ کانسواءِ شڪي قرار نه ٿو ڏئي سگهجي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ بورڊ آف روينيو جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو بقاالله انڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
وڏي وزير مراد علي شاهه اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته مالڪاڻن حقن جو رڪارڊ سٺ 70 سالن کان مينوئل ئي ٺهي رهيو آهي جيڪو هاڻي هر صورت ۾ ختم ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته جيڪو رڪارڊ 1985ع ۾ ٻيهر تيار ڪيو ويو اهو رڳو اسڪين ڪري رکيو ويو، جنهن جو عوام کي ڪو فائدو ناهي.
سندس چوڻ هو ته 1985ع کانپوءِ به ماڻهو تپيدارن ۽ مختيارڪارن جي پويان رلندا رهيا ۽ عدالتي ڪاررواين ۾ ڦاٿل رهيا.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته 2019ع ۾ بورڊ آف روينيو رڪارڊ جو جائزو وٺي 4 لک 96 هزار کان وڌيڪ انٽريز کي شڪي قرار ڏئي بلاڪ ڪيو.
هن چيو ته مالڪاڻن حق هڪ قانوني دستاويز آهي جنهن کانسواءِ ڌرين کي ٻڌندي شڪي قرار نه ٿو ڏئي سگهجي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته بورڊ آف روينيو قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ مالڪاڻا حق رکندڙ پنج لک ماڻهو مسئلن جو شڪار ٿي ويا آهن.
هن چيو ته سنڌ سرڪار روينيو رڪارڊ تيار ڪرڻ لاءِ قانون ۾ ضروري ترميمون ڪري سولائي پيدا ڪندي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته نئين آءِ ٽي ڪمپني کي سافٽ ويئر ٺاهڻ جو ڪم ڏنو وڃي.- Advertisement -
