تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ سرڪار سکر بئراج جي دروازن جي مرمت ۽ تبديلي لاءِ 502 ملين رپين جي منظوري

- Advertisement -
سنڌ سرڪار سکر بئراج جي دروازن جي مرمت ۽ تبديلي لاءِ 502 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ آبپاشي  کاتي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾  آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شوري ۽ ٻين جي شرڪت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه اجلاس ۾  ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي اپاءَ جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته  ماحولياتي تبديلي کي نظر ۾ رکندي هر ممڪن قدم کنيا وڃن ته جيئن ناڪاري اثرن کان بچي سگهجي. اجلاس دوران ايم اين وي ڊرين کي لڳل گهارو بند ڪرڻ بابت آبپاشي کاتي جي  رپورٽ وڏي وزير حوالي ڪئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ايم اين وي ڊرين کي آر ڊي 22 وٽ لڳل گهارو بند ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ايم اين وي ڊرين کي جوهي تعلقي جي يوسي ڇني وٽ 750 فوٽ گهارو لڳو هو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته گهارو بند ڪري يوسي ڇني جي مختلف ڳوٺن کي ٻڏڻ کان بچايو ويو آهي. سيڪريٽري آبپاشي شريف کيڙو، وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته ايم اين وي ڊرين جي آر ڊي زيرو تي گيج لڳائڻ جو ڪم جاري آهي، گيج لڳڻ بعد حمل ۽ هيردين ڍنڍ مان ايندڙ پاڻي جو درست اندازو لڳائي سگهجي ٿو. وڏي وزير مراد علي شاهه سيڪريٽري آبپاشي کي ايم اين وي ڊرين جي نگراني جي هدايت پڻ ڪئي .
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
31 %
1.5kmh
30 %
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون