تازه ترين

سنڌ سرڪار طرفان ٻن مهينن اندر پيپلز بس سروس جي 40 اسٽاپن جي مرمت مڪمل ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
سنڌ سرڪار پيپلز بس سروس جي 40 اسٽاپن جي اڏاوت ٻن مهينن اندر مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ٽرانسپورٽ کاتي طرفان سڄي صوبي ۾ گاڏين جي جديد سائنٽيفڪ فٽنس چيڪنگ لازمي ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، پيپلز بس سروس جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر صهيب شفيق ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز بس سروس جي 100 کان وڌيڪ اسٽاپن جي اڏاوت مڪمل ٿي چڪي آهي، رهيل اسٽاپن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو، ٻن مهينن اندر جنوري 2025ع تائين 40 اسٽاپن جو ڪم به مڪمل ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ نظام کي جديد بڻائڻ جي خواهشمند آهي، پيپلز بس سروس جا جديد ترين بس اسٽاپ هاڪاري ۽ جٽادار اچ وڃ لاءِ اهميت جوڳا آهن، جديد بس اسٽاپ مسافرن جي ويهڻ لاءِ بهترين جڳهه ۽ موسم کان تحفظ فراهم ڪندا. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته باقي رهيل اسٽاپن مان ٻن تي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ٻين کي به جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو، گاڏين جي فٽنس کي يقيني بڻائڻ، روڊ سيفٽي ۽ ماحولياتي تحفظ هڪ پيڙهه جو پٿر آهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته باقاعدگي سان فٽنس چيڪنگ حادثن کان بچڻ ۽ نقصان ڏيندڙ خرچن کي روڪڻ لاءِ اهم آهي، فٽنس چيڪنگ ڪاربن فوٽ پرنٽ ۾ گهٽتائي ۽ عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سيڪريٽري ٽرانسپورٽ گاڏين جي فٽنس چيڪنگ يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري ۽ سخت قدم کڻي، حادثن کي روڪڻ ۽ ماحولياتي تحفظ لاءِ گاڏين جي فٽنس اڻٽر آهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته گاڏين جي رجسٽريشن، رجسٽريشن جي منتقلي ۽ ٽيڪس ادائگي وقت به گاڏين جي فٽنس جو اثرائتو نظام آندو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هر هڪ سال اندر گاڏين جي لازمي فٽنس چيڪنگ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، فٽنس قانون تي عمل نه ڪندڙ گاڏين خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
25 %
1kmh
14 %
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون