تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ سرڪار پاران ترقياتي اسڪيمن تي 14 ارب خرچ جي دعويٰ

- Advertisement -
سنڌ سرڪار گذريل پنجن سالن ۾ 2 هزار 889 ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪرڻ تي 6 کرب 14 ارب 37 ڪروڙ خرچ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سنڌ ٽي وي نيوز انويسٽيگيشن سيل سنڌ سرڪار جي سال 2018کان 2023تائين جي انگ اکرن تي ٻڌل ڇرڪائيندڙ رپورٽ هٿ ڪري ورتي. پنجن سالن ۾ صحت واري شعبي جي 95 اسڪيمن تي 31 ارب 37ڪروڙ 71 لک رپيا ۽ روڊس کاتي جون مجموعي طور 1094 اسڪيمون مڪمل ڪرڻ تي 2 کرب 33ارب 80 ڪروڙ رپيا خرچ طور ڏيکاريا ويا. آبپاشي واري شعبي جي 275 اسڪيمن تي هڪ کرب 20 ارب 42 ڪروڙ 96 لک رپيا ۽ پاڻي ۽ صفائي جي 571 اسڪيمن تي 89 ارب 79 ڪروڙ 18لک رپيا خرچ ظاهر ڪيو ويو. زراعت واري شعبي جي 80 اسڪيمن تي 21 ارب 19 لک، تعليم واري شعبي جي 340 اسڪيمن تي 52 ارب 87 ڪروڙ 26 لک رپيا خرچ ڏيکاريو ويو. خدمتن واري شعبي جي 167 اسڪيمن  تي 32 ارب 40 ڪروڙ 6 لک ۽ ٻين کاتن جي 267 اسڪيمن تي 32 ارب 10 ڪروڙ 99 لک رپيا خرچ ظاھر ڪيو ويو. بجيٽ ۾ پنج سالن دوران صوبي جي 8 اهم شعبن جي ترقياتي اسڪيمن لاءِ مجموعي طور مختص ڪيل بجٽ مان روڊس سيڪٽر تي سڀ کان وڌيڪ 38 سيڪڙو رقم خرچ ڏيکاري وئي. ٻئي نمبر تي آبپاشي تي 20 سيڪڙو، پاڻي ۽ صفائي واري سيڪٽر تي 15 سيڪڙو، صحت تي 5 سيڪڙو، تعليم تي 9 سيڪڙو خرچ ظاھر ڪيو ويو. زراعت تي 3 سيڪڙو، خدمتن تي 5 سيڪڙو ۽ ٻين شعبن تي مجموعي طور 5 سيڪڙو رقم خرچ ڪرڻ جي دعوي ڪئي وئي . حڪومتي رپورٽ موجب  ڪراچي کي ڏنل ميگا منصوبن مان پنج سالن ۾ 19 اسيڪين کي مڪمل ڪرڻ جي دعوا ڪندي 17ارب 71 ڪروڙ 45 لک رپيا خرچ ڪيو. اهڙي طرح ٽرانسپورٽ کاتي جي پنجن سالن ۾ صرف 2 اسڪيمن تي 4 ارب 95 ڪروڙ 47 لک خرچ ظاهر ڪيا سال 2018/19۾ هڪ اسڪيم ۽ سيل 2021/22۾ هڪ اسڪيم جڏهن ته باقي ٽن سالن ۾ بغير اسڪيمن جي رقم خرچ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو. ثقافت کاتي جي پنج سالن ۾ 47 اسڪيمون مڪمل ڏيکاري 6 ارب 83 ڪروڙ 7 لک رپيا خرچ ڏيکاريو ، سوشل پروٽڪشين جي پنج سالن ۾ هڪ اسڪيم تي 5ارب 12 ڪروڙ73 لک ۔بحالي کاتي جي پنج سالن ۾ صرف ٽن اسڪيمن تي 2ارب8ڪروٽ76 هزار رپيا خرچ ڏيکاريو ويو آهي. پنج سالا ڪارڪردگي رپورٽ موجب انڊسٽري ڪامرس۔ انرجي۔ٻيلو کاتو۔پلائننگ ڊويلپمنٽ، لائيو اسٽاڪ کاتن جي اسڪيمن تي ڌيان نه ڏنو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
4 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون