- Advertisement -
سنڌ سرڪار ذهين ۽ ضرورتمند 6 شاگردن لاءِ آڪسفورڊ يونيورسٽي اسڪالر شپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
لنڊن ۾ ڀٽو اسڪالر شپ پروگرام لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب ٿي، جنهن ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه شريڪ ٿيا.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته 3 اسڪالر شپ شاگردن ۽ 3 شاگردياڻين لاءِ هونديون، شاگردن جي چونڊ لاءِ آڪسفورڊ پاڪستان پروگرام سندن مدد ڪندو.
وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ هڪ عرصي کان شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني پئي وڃي.
مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪراچي ٻن ڪروڙن کان وڌيڪ آبادي رکندڙ شهر آهي، ڏوهن جو مسئلو موجود آهي، سيف سٽي پروگرام تحت ڪراچي کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
