- Advertisement -
سنڌ جي تعليمي بورڊن ۽ يونيورسٽين واري وزير محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ سرڪار پهريون ڀيرو لاڙڪاڻي، سکر ۽ شهيد بينظير آباد ۾ اِي مارڪنگ نتيجا جاري ڪري ڇڏيا آهن.
جاري ڪيل بيان ۾ محمد اسماعيل راهو چيو ته سکر، لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظير آباد بورڊن جا نتيجا جديد ڊجيٽل سسٽم تحت جاري ڪيا ويا.
سندس چوڻ هو ته ايس ايس سي پارٽ ون ۽ ايڇ ايس سي پارٽ ون سالياني امتحان 2025ع جا نتيجا جاري ڪيا ويا آهن، بورڊ خلاف نتيجا دير ۽ ميرٽ تي رزلٽ نه ملڻ سميت ڪيتريون ئي شڪايتون ملي رهيون هيون.
سنڌ جي تعليمي بورڊن ۽ يونيورسٽين واري وزير چيو ته شڪايتن ۽ ڪاپي کي روڪڻ جو واحد حل ڊجيٽل سسٽم هو، سنڌ سرڪار اهڙو نظام آڻڻ چاهي ٿي جنهن ۾ ڪنهن قسم جي شڪايت نه هجي.
محمد اسماعيل راهو چيو ته آٽوميشن جو مقصد اهو آهي ته ڪنهن ٻار جو حق ضايع نه ٿئي، سمورو سسٽم ڪمپيوٽرائزڊ ٿيڻ سان شڪايت ختم ٿي ويندي.
هن چيو ته ڊيجيٽل نظام سان شفاف رزلٽ يقيني هوندو، ڪنهن به شاگرد سان هاڻي ناانصافي نه ٿيندي، سنڌ حڪومت سمورن بورڊن کي 2026ع تائين اِي اسيسمنٽ تي منتقل ڪري ڇڏيندي.- Advertisement -
