تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ سرڪار پهريون ڀيرو لاڙڪاڻي، سکر ۽ شهيد بينظير آباد ۾ اِي مارڪنگ نتيجا جاري ڪري ڇڏيا آهن :محمد اسماعيل راهو

- Advertisement -
سنڌ جي تعليمي بورڊن ۽ يونيورسٽين واري وزير محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ سرڪار پهريون ڀيرو لاڙڪاڻي، سکر ۽ شهيد بينظير آباد ۾ اِي مارڪنگ نتيجا جاري ڪري ڇڏيا آهن. جاري ڪيل بيان ۾ محمد اسماعيل راهو چيو ته سکر، لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظير آباد بورڊن جا نتيجا جديد ڊجيٽل سسٽم تحت جاري ڪيا ويا. سندس چوڻ هو ته ايس ايس سي پارٽ ون ۽ ايڇ ايس سي پارٽ ون سالياني امتحان 2025ع جا نتيجا جاري ڪيا ويا آهن، بورڊ خلاف نتيجا دير ۽ ميرٽ تي رزلٽ نه ملڻ سميت ڪيتريون ئي شڪايتون ملي رهيون هيون. سنڌ جي تعليمي بورڊن ۽ يونيورسٽين واري وزير چيو ته شڪايتن ۽ ڪاپي کي روڪڻ جو واحد حل ڊجيٽل سسٽم هو، سنڌ سرڪار اهڙو نظام آڻڻ چاهي ٿي جنهن ۾ ڪنهن قسم جي شڪايت نه هجي. محمد اسماعيل راهو چيو ته آٽوميشن جو مقصد اهو آهي ته ڪنهن ٻار جو حق ضايع نه ٿئي، سمورو سسٽم ڪمپيوٽرائزڊ ٿيڻ سان شڪايت ختم ٿي ويندي. هن چيو ته ڊيجيٽل نظام سان شفاف رزلٽ يقيني هوندو، ڪنهن به شاگرد سان هاڻي ناانصافي نه ٿيندي، سنڌ حڪومت سمورن بورڊن کي 2026ع تائين اِي اسيسمنٽ تي منتقل ڪري ڇڏيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
9 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
overcast clouds
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
33 %
4kmh
100 %
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون