- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ صحت جي شعبي ۾ ٻين صوبن کان اڳتي آهي، پيپلزپارٽي خلاف ناڪاري پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، ڪو شڪ ناهي ته ڪراچي ۾ مسئلا آهن، مسئلا حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي هڪ تمام وڏو شهر آهي، شهر جي آبادي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان وڌيڪ آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪو شڪ ناهي ته ڪراچي ۾ مسئلا آهن، شهر جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار ڪوششون ڪري رهي آهي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، سڄي ملڪ مان ماڻهو روزگار لاءِ ڪراچي ايندا آهن.
هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ صحت جي شعبي ۾ سنڌ اڳتي آهي، سڀ کان وڌيڪ صحت جون سهولتون ڪراچي ۾ آهن، اين آءِ سي وي ڊي ۾ دل ۽ سائبر نائف ڪينسر جو علاج به ٿيندو آهي، هنن اسپتالن ۾ رڳو ڪراچي جا ماڻهو ناهن ايندا سڄي ملڪ جا ايندا آهن.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته افغانستان ۽ ايران جا ماڻهو به هتي علاج لاءِ ايندا آهن، ڪراچي مان گندگي صاف ڪرڻ لاءِ انٽرنيشنل ڪمپنين سان معاهدا ڪيا آهن، ڪراچي ۾ عوام جي سفري سهولت لاءِ پيپلز بس سروس شروع ڪئي وئي آهي.- Advertisement -
