سنڌ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اينٽي ڪرپشن متحرڪ

- Advertisement -
سنڌ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اينٽي ڪرپشن متحرڪ ٿي وئي، ڪرپٽ بيورو ڪريٽس خلاف 4 ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ڪراچي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر فخر عالم جي صدارت هيٺ اينٽي ڪرپشن بابت  اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ صوبي جي مختلف کاتن بابت ڪيسن، شڪايتن ۽ اڳڀرائي رپورٽن جو جائزو ورتو ويو. مختلف کاتن ۾ ڪرپشن جي 29 ڪيسن بابت جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ڪرپٽ بيورو ڪريٽس خلاف 4 ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ڪوآپريٽو، لوڪل گورنمينٽ، يونيورسٽين ۽ بورڊز، ورڪس اينڊ سروسز بابت ڪيسن جو جائزو ورتو ويو. بورڊ آف روينيو، آبپاشي کاتي ۽ ٻين خلاف 29 ڪيس ضروري منظوري لاءِ ڪميٽي آڏو رکيا ويا. ڪميٽي 20 ڪيسن ۾ اوپن انڪوائري ڪرڻ جي به منظوري ڏني. 17 ڪيسن جي شروعاتي جاچ، ٽن ڪيسن ۾ وڌيڪ ڪارروائي خاطر لاڳاپيل کاتي کي موڪليا ويا، جڏهن ته ڪميٽي 5 ڪيس داخل ڪرڻ  بابت کاتن کي اجازت لاءِ موڪلي ڇڏيا. چيف سيڪريٽري سنڌ پاران اينٽي ڪرپشن اداري کي وڌيڪ فعال ۽ مضبوط ڪرڻ سميت ڪرپشن جي خاتمي جي هدايت ڪئي وئي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
18%
2.1m/s
0%
ڇنڇر
28 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون