تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ نوڪرين تان پابندي هٽائي ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر سنڌ ۾ گريڊ هڪ کان چار تائين  نوڪرين تي لڳايل پابندي ختم ڪري 50 هزار نوڪريون ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايم ڪيو ايم اليڪشن کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نوڪرين تي پابندي لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي. درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن گذرڻ باوجود سڄي سنڌ لاءِ نوڪرين تي پابندي لڳائي وئي هئي. درخواست ڏيندڙ چيو ته سنڌ حڪومت 50 هزار کان وڌيڪ نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو، اميدوارن جا زباني امتحان به ٿي ويا هئا پر آرڊر جاري نه ٿي سگهيا آهن. عدالت سنڌ ۾ گريڊ هڪ کان چار تائين  نوڪرين تي لڳايل پابندي ختم ڪري 50 هزار نوڪريون ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
10 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.4 ° C
31.4 °
31.4 °
32 %
4.7kmh
0 %
اربع
30 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون