تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان قومپرست ڪارڪن غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي آزاد نه ڪرڻ خلاف درخواست تي نوٽيس وٺندي ڌرين کان 10 نومبر تي جواب طلب ڪري ورتو

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان قومپرست ڪارڪن غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي آزاد نه ڪرڻ خلاف درخواست تي نوٽيس وٺندي ڌرين کان 10 نومبر تي جواب طلب ڪري ورتو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ قومپرست اڳواڻن غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي عدالتي حڪم باوجود آزاد نه ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. وڪيلن جو چوڻ هو ته جوڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي گرفتاري کي غيرقانوني قرار ڏيندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وڪيلن جو چوڻ هو ته عدالتي حڪم باوجود سي ٽي ڊي طرفان ٻنهي نوجوانن کي آزاد نه ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته جوڊيشل مئجسٽريٽ غلط حڪم ڏنو آهي. قومپرست ڪارڪن غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي آزاد نه ڪرڻ خلاف درخواست تي نوٽيس وٺندي ڌرين کان 10 نومبر تي جواب طلب ڪري ورتو. وڪيلن جو چوڻ هو ته ٻنهي نوجوانن جي جان کي خطرو آهي کين تحفظ جو حڪم جاري ڪيو وڃي ۽ اها خبر ناهي ته اهي ٻئي ڪٿي آهن. عدالت جو چوڻ هو ته هنن وٽ گم ٿيلن بابت ڪيس هو جنهن تي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، تحفظ لاءِ سيشن ڪورٽ جي سيڪشن 22 اي تحت تحفظ جي درخواست داخل ڪري سگهو ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
9.9 ° C
9.9 °
9.9 °
19 %
2.2kmh
49 %
خميس
10 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °
آچر
20 °
سُومر
19 °

تازه ترين خبرون