سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن افغان شهرين جي گم ٿيڻ بابت درخواست تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن افغان شهرين جي گم ٿيڻ بابت درخواست تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻن افغان شهرين جي گم ٿيڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ۾ درخواست ڏيندڙ جي وڪيل موقف اختيار ڪندي چيو ته سهراب ڳوٺ پوليس اسٽيشن جي حدن مان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار شهري فضل ۽ محراب کي گهر مان کنڀي موبائل فون ۽ ٻيو گهر جو سامان به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. وڪيل جو چوڻ هو ته درخواست ڏيندڙ کي 8 موبائل فون واپس ڪيا ويا آهن، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته موبائل فون ڪيئن واپس ڪيا ويا؟ عدالت کي جواب ڏيندي جاچ آفيسر ٻڌايو ته موبائل فون سب انسپيڪٽر عرفان رشيد واپس ڪيا آهن، گم ٿيل شهري محراب تي ڦر جو ڪيس داخل آهي. عدالت حڪم ڏيندي چيو ته  افغان شهري محراب کي فوري طور گرفتار ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي سب انسپيڪٽر عرفان رشيد کي پيش ڪيو وڃي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
9.6 ° C
9.6 °
9.6 °
27%
2.2m/s
15%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون