- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟
جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا ڪيترائي اجلاس ٿي چڪا آهن، پر اڃا تائين شهرين جو ڪو به پتو نه پيو آهي.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ٻڌڻي 25 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي……….- Advertisement -
