تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ننڍي عمر جي نينگر ۽ نينگري سميت 20 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي سمورن جيلن، حراستي مرڪزن ۽ ادارن کان رپورٽون حاصل ڪري پيش ڪرڻ، گم ٿيل ماڻهن جي ٽريول هسٽري، وفاقي گهرو سيڪريٽري، دفاع واري سيڪريٽري ۽ ٻين کي رپورٽس پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ننڍي عمر جي نينگر ۽ نينگري سميت 20 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران عدالت گم ٿيل ماڻهن بابت وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو ته گم ٿيل ماڻهو، گهربل آهن يا پاڻمرادو گم ٿي ويا آهن کين ڳولي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. عدالت ملڪ جي سمورن جيلن، حراستي مرڪزن ۽ ادارن کان رپورٽس حاصل ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت پاران گم ٿيل ماڻهن جي سفري تاريخ به جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو. عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري، بچاءَ واري سيڪريٽري ۽ ٻين کي به رپورٽس پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي جيڪا به ڪارروائي ڪئي پئي وڃي اها روزاني جي بنياد تي عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي. عدالت گم ٿيل تانيا، سمير، فرحان، نديم، يوسف، عبدالله ۽ ٻين جي بازيابيءِ قدم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي حڪم ڏيندي چيو ته گم ٿيل شهرين جون تصويرون پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ شايع ڪيون وڃن. عدالت ۾ جاچ آفيسر چيو ته ڪجهه گم ٿيل شهري پاڻمرادو روپوش ٿي ويا آهن، ڪيترن ئي ماڻهو لياري جي ڏوهاري ٽولي سان آهي ۽ ذاتي دشمني جي بنياد تي گم آهن. جاچ آفيسر چيو ته جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ترجيحي بنيادن تي ٿي رهيا آهن. سرڪاري وڪيل چيو ته جن گم ٿيل ماڻهن جي جبري گمشدگي ثابت ٿي آهي کين سنڌ حڪومت معاوضو به ڏنو آهي. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل جبران ناصر چيو ته 2019ع جي رپورٽن ۾ ان کي جبري گمشدگي قرار ڏنو ويو، جيڪڏهن زبردستي گمشدگي آهي ته گم ٿيل شهري ڪنهن وٽ آهي؟ اهو ته ٻڌايو وڃي. ٻين گم ٿيل ماڻهن جا وارث عدالتي ڪمري ۾ دانهون ڪري روئي پيا. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته شهري جي ٻن ڀائرن کي قتل ڪيو ويو هاڻي چيو پيو وڃي ته سندس تعلق لياري جي ڏوهاري ٽولي سان هو. گم ٿيل شهري جي ڀاءُ موقف اختيار ڪيو ته عدالت 8 سالن ۾ جيڪا حڪمنامه جاري ڪيا انهن تي عمل نه ڪيو. عدالت سمورن جيلن، حراستي مرڪزن ۽ ادارن کان رپورٽون حاصل ڪري پيش ڪرڻ، گم ٿيل ماڻهن جي ٽريول هسٽري، وفاقي گهرو سيڪريٽري، دفاع واري سيڪريٽري ۽ ٻين کي رپورٽس پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
27 %
1.3kmh
10 %
خميس
24 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون