تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ اي چالان خلاف درخواستن تي منع نامو جاري ڪرڻ کان انڪار ڪندي ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ اي چالان خلاف درخواستن تي منع نامو جاري ڪرڻ کان انڪار ڪندي ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جماعت اسلامي، مرڪزي مسلم ليگ، وڪيل راشد رضوي ۽ ٻين جي اي-چالان خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. درخواست ڏيندڙن عدالت کي اِي چالان بابت منع نامو جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي. عدالت اِي چالان کي فوري طور تي روڪڻ جي زباني درخواست رد ڪري ڇڏي. جسٽس عدنان اقبال چوڌري رمارڪس ڏنا ته هو فوري طور تي منع نامو جاري نٿا ڪري سگهن، ڌرين کي جواب ڏيڻ ڏيو ۽ ڪيس هلائڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو. وڪيل راشد رضوي چيو ته ڪراچي سان امتيازي سلوڪ ڪيو پيو وڃي، سڀ کان وڌيڪ چالان ڪراچي مان ملي رهيا آهن. جسٽس عدنان اقبال چوڌري چيو ته ڪراچي جي صورتحال بلڪل مختلف آهي، هو ان جو مقابلو ٻين شهرن سان ڪيئن ڪري سگهن ٿا. عدالت کان ٽريفڪ پوليس، گهرو کاتو ۽ ٻين پنهنجو جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت گهري ورتو. عدالت درخواست ڏيندڙن کي درخواست جون ڪاپيون ڌرين کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي، ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
6.6 ° C
6.6 °
6.6 °
20 %
0.3kmh
0 %
اڱارو
6 °
اربع
15 °
خميس
14 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون