- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ڪيس ۾ غير حاضري تي چئن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي اڳوڻي پوليس آفيسر واجد دراني ۽ ٻين جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪري لاڏاڻو ڪري ويل جوابدارن بابت لاڳاپيل ايس ايڇ اوز کي تصديق ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي سربراهه شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
حڪومت ۽ مرتضيٰ ڀٽو جي ملازم نور محمد گوگا پاران داخل ڪيل ڪيسن ۾ جوابدارن جي بريت خلاف ٻڌڻي ٿي.
عدالت غير حاضري تي چئن جوابدارن غلام مصطفيٰ، گلزار احمد، ظفر احمد ۽ اصغر ميمڻ جا 25 هزار رپين جي ضمانتي ڪاغذي عيوض ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت اڳوڻي پوليس آفيسر واجد دراني ۽ ٻين جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.
اڳوڻي پوليس چيف شاهد حيات جي ڀاءُ اپيل جي پيروي لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي.
عدالت مرحوم شاهد حيات جي ڀاءُ جي درخواست منظور ڪري ورتي.
وڪيلن چيو ته ڪيس ۾ نامزد اڳوڻو پوليس چيف شاهد حيات، شبير احمد قائمخاني، آغا محمد جميل ۽ مسعود شريف لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.
عدالت فوت ٿيل جوابدارن بابت ايس ايڇ اوز کي تصديق ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
وڪيل چيو ته ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي پوليس آفيسر شعيب صديقي کي سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي اسائمينٽ مليل آهي، انڪري پيش نه ٿيو آهي.
ڪيس ۾ نامزد چيئرمين نڪٽا راءِ طاهر ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.
ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي پوليس آفيسر کي ويل چيئر تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته اپيلون 2010ع کان ٻڌڻي هيٺ آهن، جلد اڪلائڻ چاهن ٿا.
عدالت وڌيڪ تفصيل 22 اپريل تائين جواب طلب ڪري ورتا.- Advertisement -
