سنڌ کانپوءِ بلوچستان سرڪار ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي مخالفت جو اعلان ڪيو.

- Advertisement -
سنڌ کانپوءِ بلوچستان سرڪار ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي مخالفت جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ جي آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شوري، بلوچستان جي آبپاشي واري وزير صادق عمراڻيءَ سان ڪوئيٽا ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مختلف معاملن سميت ارسا ايڪٽ ۾ تجويز ڪيل امڪاني تجويزن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات بعد ڳالهائيندي صوبائي وزير صادق عمراڻي چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن جي سنڌ جيان بلوچستان سرڪار به مخالفت ڪري ٿي. هن چيو ته بلوچستان اسيمبليءَ مان به ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف ٺهراءُ منظور ڪرايو ويندو. ڄام خان شوري چيو ته ارسا جي هاڻوڪي سيٽ اپ ۾ ڪا به تبديلي ڪرڻ نه ڏني ويندي، ترميمون خطرناڪ آهن. صوبائي وزير چيو ته سنڌ کانپوءِ بلوچستان سرڪار به ترميمي ايڪٽ جي مخالفت ڪئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
33%
3.9m/s
59%
اڱارو
21 °
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون