تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ کي سمورن سماجي مسئلن تي قانون سازي ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي: مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ چائلڊ ميرج ري اسٽرينٽ ايڪٽ 2013ع ۾ پاس ڪري ٻارن جي شادي يا زبردستي شادي تي پابندي مڙهي وئي، پري وينشن اينڊ پروٽيڪشن ايڪٽ تحت عورتن، ٻارن ۽ ڪمزورن تي تشدد کي ڏوهه قرار ڏنو ويو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنجاب جي پارليامينٽ ميمبرن ايم پي ايَ علي گيلاني، احمد ڀٽي، رانا ارشد، ذوالفقار علي شاهه، محمد اويس دريشڪ، شهباز احمد، عطا الله اويس، آصفه، سلطان، دائود ۽ ٻين ملاقات ڪئي. پنجاب جي پارليامينٽرينز جو دورو يو اين ايف پي ايَ جي پاڪستان ۾ نٽري ري پريزينٽيٽو آرگنائيز ڪيو، جنهن جو مقصد ٻارن جي تحفظ، چائلڊ ميرج، گهريلو تشدد ۽ سنڌو ميرج ايڪٽ تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ هو. وڏي وزير پنجاب جي پارليامينٽ ميمبرن، يو اين ايف پي ايَ ۽ پي ڊي يو جي ميمبرن جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ کي سمورن سماجي مسئلن تي قانون سازي ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي، 2011ع ۾ سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ايڪٽ ٺاهيو ويو، اٿارٽيءَ تحت ٻارن کي خاص تحفظ ڏنو ويو. هن چيو ته سنڌ چائلڊ مريج ري اسٽرينٽ ايڪٽ پاس ڪري ٻارن جي شادي ۽ زبردستي شادي تي پابندي مڙهي وئي، گهريلو تشدد کي روڪڻ لاءِ 2013ع ۾ قانون ٺاهيو ويو ۽ ٻارن، عورتن ۽ ڪمزورن تي تشدد کي ڏوهه قرار ڏن وويو. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف دي وومين ايڪٽ 2015ع ۾ پاس ڪيو، صوبائي ڪميشن عورتن جي سماجي، معاشي، سياسي ۽ قانوني حقن جو تحفظ ڪندي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته هاري کي پورهيت قرار ڏيڻ ۽ سندس پورهيو ۽ سماجي تحفظ يقيني بڻايو ويو، سنڌ حڪومت هندو ميريج ايڪٽ 2015ع پاس ڪيو، جنهن سان هندن جي شادي جي رجسٽريشن يقيني بڻايو ويو آهي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
51 %
1.4kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون