اليڪشن ڪميشن  سنڌ جي ستن ٽائون ڪميٽين کي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن کي هٽائي ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ کي سياسي مقصد لاءِ ٽارگيٽ ڪري سازش تحت حالتون خراب ڪيون ويون آهن،  چئليجن هوندا آهن پر انهن کي ختم ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافو نگران حڪومت دوران ٿيو،  امن امان جي صورتحال هر صورت ۾ بهتر نظر ايندي، سموري ملڪ جا ماڻهو روزگار لاءِ ڪراچي شهر جو رخ ڪندا آهن، ڪراچي واسي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏين ٿا،  حڪومت جي پهرين ترجيح شهر جا مسئلا حل ڪرڻ آهي، ٿر جو ڪوئلو سموري ملڪي معيشيت جو بار برداشت ڪري سگهي ٿو، ڪوئلي مان بجلي تيار ڪري 200 سالن تائين ٻاهر موڪلي سگهجي ٿي، ٿر 3 هزار ميگا واٽ بجلي نيشنل گرڊ کي ڏئي رهيو آهي، ڌاٻيجي انڊسٽريل زون واحد آهي جنهن کي  سي پيڪ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت وڌيڪ صنعتي زون ٺاهيا  پيا وڃن. ڪراچيءَ ۾ واپارين کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته پ پ حڪومت تي ذميواري آهي، صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ صنعتون هيون، ٿر جي ڪوئلي  مان بجلي ٺاهي 200 سال تائين ايڪسپورٽ ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته ٿر 3 هزار ميگا واٽ سستي بجلي نيشنل گرڊ کي ڏئي رهيو آهي، سنڌ کي ماضيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪيو ويو، ڌاٻيجي انڊسٽريل زون واحد آهي جنهن کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان وڌيڪ صنعتي زون ٺاهيا پيا وڃن. سينيئر صوبائي وزير چيو ته هڪ مهيني کان اسٽريٽ ڪرائيم 50 سيڪڙو کان به گهٽ ٿيو آهي، ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت عبادت کان گهٽ ناهي. شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ کي سياسي مقصد لاءِ ٽارگيٽ ڪري سازش تحت حالتون خراب ڪيون ويون آهن،  اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافو نگران حڪومت دوران ٿيو،  امن امان جي صورتحال هر صورت ۾ بهتر نظر ايندي. هن چيو ته هر ڀيري ڪراچيءَ تي اربين رپيا خرچ ڪيا ويندا آهن، شهر ۾ پاڻي سميت ٻيا منصوبا آهن، ڪي فور منصوبي لاءِ بجيٽ پوري رکي ويندي آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته رٿابندي تحت سنڌ جون حالتون خراب ڪيون ويون، اڳ به امن امان جي صورتحال بهتر ڪئي، هاڻي به بهتري نظر ايندي. هن چيو ته تيرهن مغوي بازياب ڪرايا ويا آهن، ڌاڙيل به ماريا پيا وڃن، کيس پوليس تي اعتماد آهي، پني عاقل ۾ گهر مان اغو ٿيل ستن ورهين جو ٻارڙو 24 ڪلاڪن ۾ بازياب ڪرايو. سينيئر صوبائي وزير چيو ته ڪراچي پاڪستان جو واحد شهر آهي جتي اليڪٽرڪ بس سروس هلي رهي آهي، ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ عورتن لاءِ مخصوص بس سروس ناهي، ريڊ ۽ ييلو لائن بي آر ٽي به آندي ويندي، ريڊ لائن بي آر ٽي بائيو گيس تي هلندڙ پهرين بس هوندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
26%
2.4m/s
0%
جمعو
25 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
26 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون