تازه ترين

سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ڪارونجهر کي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ بابت اڳ آيل عدالتي جو فيصلو برقرار

- Advertisement -
سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ڪارونجهر کي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ بابت اڳ آيل عدالتي جو فيصلو برقرار رکي ڇڏيو. جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ۽ جسٽس امجد علي ٻوھيو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ  تفصيلي فيصلو جاري ڪيو. تفصيلي فيصلي ۾ 16 آڪٽوبر 2023 تي ھاءِ ڪورٽ پاران ڪارونجھر کي ”تاريخي ورثو“ قرار ڏيارڻ واري فيصلي کي برقرار رکيو ويو. تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته کارسر ڪارونجھر جو ئي حصو آھي، ان کي ڪٽي نٿو سگھجي. تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته جيڪڏھن سپريم ڪورٽ ڪارونجھر بابت ڪو اسٽي جاري ناھي ڪيو تھ پوءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو فيصلو برقرار آھي ۽ ڪارونجھر جي سموري رينج کي تاريخي ورثو قرار ڏئي نوٽيفڪيشن عدالت ۾ ٻن ھفتن اندر جمع ڪرايو وڃي. برقرار رکيل فيصلي ۾ اھو پڻ حڪم ڏنل آھي تھ مائنز ۽ منرل کاتو ڪارونجھر ۾ ڪا بھ کوٽائي نٿو ڪري سگھي، سواءِ تاريخي آثارن جي دريافت لاءِ ٿيندڙ کوٽائي به عالمي اصولن موجب ٿيڻ گھرجي. برقرار رکيل فيصلي ۾ اھو پڻ حڪم ڏنل آھي تھ ٻيلو کاتو ۽ جھنگلي جيوت کاتو ڪارونجھر اندر وڻڪاري ڪري ۽ جبل اندر رھندڙ پکين، جانورن ۽ ٻين جاندارن جي بچاءَ لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺي. فيصلي ۾ چيو ويو تھ ڊي سي ٿرپارڪر ۽ لاڳاپيل حد جو ايس ايڇ او ان ڳالھه جا ذميوار آھن تھ اھي ڪارونجھر جبل اندر کوٽائي يا ٻي ڪنھن بھ ڪمرشل ايڪٽوٽي کي ٿيڻ نھ ڏيندا ۽ گڏوگڏ جين مندرن سميت ٻين تاريخي ورثن کي اصل شڪل ۾ بحال ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
14 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
26 ° C
26 °
26 °
29 %
1.3kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون