سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پاڻي جي ورڇ تان تڪرار تيز ٿي ويو، بلاول ڀٽو زرداري  جي ٽياڪڙي باوجود ڊيڊلاڪ برقرار

- Advertisement -
سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پاڻي جي ورڇ تان تڪرار تيز ٿي ويو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  جي ٽياڪڙي باوجود ڊيڊلاڪ برقرار آهي. ذريعن موجب بلوچستان جون شڪايتون وڌي ويون ته سنڌ گهربل مقدار ۾ پاڻي نه ٿو ڏئي، بلوچستان جي آبپاشي وزير ي اهڙي شڪايت پاڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ڪئي هئي. ذريعن موجب اجلاس دوران سنڌ ۽ بلوچستان جي آبپاشي کاتي جي نمائندن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي هئي، ڪميٽي چيئرمين خالد مگسي وقتي طور معاملي کي ڪنٽرول ڪري ورتو هو پر اختلاف اڃا تائين برقرار آهن. ارسا ۾ به بلوچستان ۽ سنڌ وچ ۾ پاڻي جي ورڇ تان اختلافن سبب بلاول ڀٽو زرداري مداخلت ڪندي ٻنهي ڌرين کي کير کنڊ ڪيو هو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۽ بلوچستان جي آبپاشي وزيرن سان ملاقات ڪري  ارسا ۾ گڏيل موقف رکڻ لاءِ ٻنهي ڌرين کي راضي ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب ميٽنگ ۾ طعي ٿيو  هو ته ايندڙ هفتي سنڌ جو آبپاشي کاتي جو وفد ڪوئيٽا وڃي بلوچستان جي آبپاشي کاتي جي وفد سان ڳالھيون ڪندو. ذريعن موجب سنڌ جي آبپاشي کاتي جي لڳاتار ڪوششن باوجود بلوچستان جي آبپاشي کاتي وٽان ڪا به مثبت موٽ نه ملي، معاملو اڃا به ڊيڊلاڪ جو شڪار آهي. بلوچستان کي گڊو بيراج وٽان 80 سيڪڙو ۽ سکر بيراج وٽان 20 سيڪڙو پاڻي ملي ٿو، رائيٽ بينڪ ۾ مينيجمينٽ جا مسئلا هجڻ سبب ورڇ ۾ مسئلا اچن ٿا. سنڌ جي آبپاشي ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان کي حصي جو پاڻي ملي رهيو آهي، رڳو کيرٿر ڪينال وٽان 400 ڪيوسڪ جو مسئلو آهي، بلوچستان کي پاڻي جي مسئلي تي سنڌ سان بيهڻ گهرجي، مٿان پورو پاڻي ايندو ته بلوچستان کي به پورو ملندو. سنڌ جي آبپاشي ذريعن موجب ارسا ۾ بلوچستان سنڌ سان بيهڻ بدران پنجاب سان بيهي ٿو، سنڌ 91 واري ٺاھ جي پيرا 2 تحت ۽ بلوچستان تاريخي فارمولي تحت پاڻي ورڇ جي ڳالھ ڪري ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
43%
2.8m/s
0%
سُومر
24 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
26 °

تازه ترين خبرون