تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، ڪراچي بندرگاهه عالمي واپار جو اهم مرڪز آهي : مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير مراد علي شاهه سان رومانيا جي سفير ڊاڪٽر ڊين اسٽوينسڪو ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سنڌ ۽ رومانيا وچ ۾ واپاري لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ سنڌ ۽ رومانيا واپار کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو، تعليم جي شعبي ۾ اسڪالرشپ پروگرام تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، رومانيا ۽ سنڌ زرعي ۽ ثقافتي سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ثقافتي شعبن ۾ گڏيل سهڪار سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، ڪراچي بندرگاهه عالمي واپار جو اهم مرڪز آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪراچي پورٽ ۾ سيڙپڪاري جا ڪيترائي فائدا آهن. رومانيا جي سفر جو چوڻ هو ته رومانيا جو بندرگاهه پوري يورپ جي لاءِ اهم گيٽ وي آهي، رومانيا جي بندرگاهه ذريعي يورپ جا 450 ملين ماڻهن کي فائدو ملي ٿو. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻه و ته نوجوانن جي لاءِ تعليمي موقعا وڌائڻ اسان جي ترجيح آهي. رومانيا جي سفير جو چوڻ هو ته رومانيا جي حڪومت وٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جون ناياب تصويرون موجود آهن، اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي تصويرن جي نمائش به ڪنداسين، تصويرن جي نمائش جي انتظار ۾ آهيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
51 %
1.4kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون