تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ ۾ صحت هميشه سندن پاليسين ۽ منصوبابندي جو مرڪزي موضوع رهي آهي : مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ صحت هميشه سندن پاليسين ۽ منصوبابندي جو مرڪزي موضوع رهي آهي، ڪورونا کان پوءِ کين فوري طور تي پنهنجي صحت جي نظام کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب مراد علي شاهه چيو ته هي ڪانفرنس نه رڳو عالمي صحت جي ترجيحن سميت سنڌ حڪومت جي ويزن سان پڻ مطابقت رکي ٿي، کين مضبوط ۽ مستحڪم پرائمري هيلٿ ڪيئر سسٽم کي فعال بڻائڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت صحت ۾ هر سطح تي وڏي سيڙپڪاري ڪئي آهي، هو علائقي جي اسپتالن کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ بنيادي صحت جي سار سنڀال کي وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ تي خاص زور ڏنو آهي، سندن ڌيان صحت جي نازڪ مسئلن کي منظم ڪرڻ تي آهي. وڏي وزير چيو ته 1990 ۾ محترمه بينظير ڀٽو پاران متعارف ڪرايل ليڊي هيلٿ ورڪر پروگرام اهم آهي، ماڻهن کي سندن گهرن تائين صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي مراد علي شاهه شهرن ۾ پرائمري ڪيئر لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي هٿي ڏياري رهيا آهن، پيپلز پرائمري هيلٿ انيشيئيٽو تحت قدم ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته ضلعي اسپتالن کي مخصوص اين جي اوز کي آئوٽ سورس ڪرڻ هڪ ڪامياب ماڊل طور ڪم ڪري ٿو، سندس چوڻ هو ته 18 هين ترميم کان وٺي سنڌ مسلسل پنهنجي صحت جي بجيٽ ۾ اضافو ڪيو آهي، صحت جي شعبي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي. مراد علي شاهه تسليم ڪيو ته صحت جي شعبي ۾ ڪيترائي چئلينج سامهون آهن، سندن ڪوششن باوجود ڪجهه علائقن ۾ صحت جا انگ اکر ڪمزور آهن. وڏي وزير چيو ته آغا خان يونيورسٽي جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جي پرائمري هيلٿ ڪيئر لرننگ جهڙي شروعات تمام قيمتي آهي. هن وڌيڪ چيو ته صحت صرف صحت کاتي جي ذميواري نه پر حڪومت ۽ عوام جي گڏيل ذميواري آهي، کين صحت کي سڀني پاليسين ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. مراد علي شاهه چيو ته سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي بهتر صحت ۽ عوامي ڀلائي لاءِ گڏ ٿيندي ڏسي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. وڏي وزير ڪانفرنس ڪوٺائڻ تي آغا خان يونيورسٽي جي قيادت جي واکاڻ ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
41 %
2.6kmh
98 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون