تازه ترين

سنڌ ۾ پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

- Advertisement -
ملڪ سميت سڄي دنيا جيان سنڌ ۾ به پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽  تقريبون ڪوٺايون پيون وڃن. حيدرآباد ۾ پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي مزدور يونين، پاڪستان هائڊرو، پ پ ليبر ونگ۽  ايس ٽي پي ليبر ونگ پاران نبي بخش ابڙو، عبدالمجيد نظاماڻي ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون. ميرپور خاص ۾ پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٺا پيش ڪرڻ لاءِ پيپلز ليبر بيورو جي سڏ تي نور الدين خاصخيلي، جاويد بلوچ، غلام قادر مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. جيڪب آباد ۾ پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي علي محمد عوامي پارٽي پاران دلمراد لاشاري، بابل لهڙي، ظفر هانڀي، ڪاشف شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. دادو ۾ پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مختلف ٽريڊ يونن پاران موندر ناڪي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. شهداد ڪوٽ ۾ پورهيتن جي عالمي ڏينهن تي شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پورهيت فيڊريشن پاران ڪامريڊ محمد عرس سيلرو، گل جان پندراڻي، خان سيلرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. قمبر ۾ پهرين مئي شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ وطن دوست پورهيت فيڊريشن پاران زوار گوپانگ، تڳيو خان مغيري، خالد معرفاڻي ۽ ٻين جي  اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. سانگهڙ ۾ شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ورڪرز پارٽي، ايريگيشن ليبر يونين ۽ پورهيت تنظيمن پاران خان محمد نظاماڻي، مير حسن سريوال، خليل بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. مٺي ۾ پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي ريلي ڪڍي وئي. سيٺارجا ۾ مزدورن جي عالمي ڏينهن تي پورهيتن پاران محمد يوسف لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. لعلو رائنڪ ۾ پورهيتن جي عالمي ڏينهن تي ورڪرز يونين، مزدور اتحاد، صوفي سنگت علي اصغر شابراڻي، غوث بخش مغيري، ديدار علي بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. نئون ديرو ۾ پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ريلي ڪڍي وئي. شهدادپور ۾ پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي جمال ورڪرز يونين پاران ريلي ڪڍي وئي. نصير آباد ۾ پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي عوامي ورڪرز پارٽي، مزدور يونين سميت مختلف تنظيمن پاران سينگار نوناري، رسول بخش کوسو، خدابخش سانگهرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. وارهه ۾ پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي شاهه لطيف ايمپلائيز يونين طرفان عبدالحفيظ ٻگهيو، وسيم عباسي، بشير چولياڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ريلي ڪڍي وئي. چمبڙ ۾ پورهيتن جي عالمي ڏينهن تي سنڌ هاري ڪميٽي پاران ڪامريڊ اقبال ارباب رستماڻي، صديق سولنگي، گلاب ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻِي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ٺري مير واهه ۾ شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پورهيتن پاران شرجيل شر، قلندر بخش ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. باڊهه ۾ پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي وطن دوست پورهيت فيڊريشن پاران امتياز علي مسڻ، ڪامريڊ صدرالدين، جاويد احمد بروهي، نبن جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ درگاهه چوڪ کان پوسٽ آفيس تائين ريلي ڪڍي وئي. عثمان شاهه هڙي ۾ پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي پورهيتن پاران ارشد ساند، ڌنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ٽنڊي باگي ۾ به پورهيتن عالمي ڏهاڙي تي سجاڳ پورهيت يونين پاران علي اڪبر مهر، الطاف، غلام مصطفيٰ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. پورهيتن جو چوڻ هو ته پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو پر حڪومت پورهيتن کي ڪو به رليف ناهي ڏنو. هنن چيو ته پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو هوندي به پورهيت ڪم ڪري ٻچن جو پيٽ پالي رهيا آهن. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪيترائي پورهيت مختلف بيمارين سبب لاچار بڻيل آهن. هنن  مطالبو ڪيو ته پورهيتن کي رليف ڏيڻ لاءِ پورهيت ڪارڊ ڏنو وڃي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
44 %
1.4kmh
41 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون