تازه ترين

سنڌ ۾ 15 ورهين کان حاڪميت ڪندڙ پ پ جي ڪرپٽ ٽولي سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آھي: مولانا راشد محمود

- Advertisement -
جي يو آءِ جو ٺيڙهي مان نڪتل امن مارچ منزل طرف روان دوان آهي، مولانا راشد محمود سومري جو چوڻ آهي سنڌ ۾ 15 ورهين کان حاڪميت ڪندڙ پ پ جي ڪرپٽ ٽولي سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آھي. نيوسعيدآباد   امن مارچ جو مولانا شيراز ميمڻ، عبدالقادر ميمڻ، ابرار راھو، حافظ باسط ميمڻ ۽ ٻين شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي مولانا راشد محمود سومري چيو ته سنڌ جي نوجوانن ۾ شعور اچي چڪو آھي جيڪي چونڊن دوران پنھنجي ووٽ جو صحيح  استعمال ڪري پيپلز پارٽي کي پنھنجي انجام تي پھچائيندا. هن چيو ته نيوسعيدآباد سميت سڄي سنڌ مان امن جو پکي اڏامي ويو آھي، عوام جون عزتون ۽ ڪاروبار محفوظ ناھي، جي يو آءِ ملڪ ۾  رواداري واري سياست کي ھٿي  ڏيندڙ جماعت آھي، هو سنڌ جي مظلوم عوام جي حقن جي حاصلات جو پروگرام کڻي چونڊن ۾ حصو وٺندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.4 ° C
26.4 °
26.4 °
20 %
2.6kmh
3 %
ڇنڇر
26 °
آچر
34 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون