- Advertisement -
سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري چيو آهي ته سنڌ ۾ 20 کان 30 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي، ڪنهن کي به سنڌو درياهه تي ڪينال اڏڻ نه ڏيندا، ارسا جي تڪراري فيصلي خلاف احتجاج ڪيو آهي، پاڻي جي کوٽ سبب فصل متاثر ۽ زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن، پاڻي گهٽ ملڻ سبب صوبي جي زراعت کي چئن ارب ڊالرن جو نقصان پهچي رهيو آهي، سنڌ جي بئراجن کي گهرج تحت پاڻي نه ملي رهيو آهي، نئين بئراج جو ڪهڙو فائدو ٿيندو.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ سوالن جا جواب ڏيندي ڄام خان شوري چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب زراعت متاثر ٿيندي آهي، 70 سيڪڙو ماڻهو زراعت تي گذر سفر ڪندا آهن، سنڌ کي حصي مان پنج ايم ايف پاڻي جيڪڏهن پاڻي گهٽ ملندو ته صوبي کي چار ارب ڊالر جو نقصان ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ 20 کان 30 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي، ڪنهن کي به سنڌو درياهه تي ڪينال اڏڻ نه ڏيندا، ارسا جي تڪراري فيصلي خلاف احتجاج ڪيو آهي.
سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري چيو ته سنڌ ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري رڳو فصلن کي نقصان ٿي رهيو آهي ۽ زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن، سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب سمنڊ هزارين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي رهيو آهي.
هن چيو ته 91ع واري ٺاهه موجب سنڌ کي 48 ايم ايف ۽ پنجاب کي 55 ايم ايف پاڻي جو حصو ڏنو ويو، گڊو بئراج مان گهوٽڪي ۽ پٽ فيڊر کي پاڻي ڏنو وڃي ٿو.
سنڌ جي آبپاشي واري وزير چيو ته سکر بيراج مان روهڙي، نارا ڪينال، کيرٿر ڪينال، رائيس ڪينال کي پاڻي ملي ٿو ۽ ڪوٽڙي بيراج مان هيٺين علائقن کي پاڻي ملي ٿو.
ڄام خان شوري چيو ته سنڌ جي بئراجن کي گهرج تحت پاڻي نه ملي رهيو آهي، نئين بئراج جو ڪهڙو فائدو ٿيندو.- Advertisement -
