تازه ترين

سياسي مخالفن کي پاڪستان جي معيشيت ۾ بهتري برداشت نه ٿي رهي آهي:وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته  سياسي مخالفن کي پاڪستان جي معيشيت ۾ بهتري برداشت نه ٿي رهي آهي، سياسي مخالف ملڪي ترقي ۾ رنڊڪ وجهڻ چاهين ٿا. وزيراعظم شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ملاقات ڪري اسلام آباد جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي حوالي سان گهرو وزير، اسلام آباد انتظاميه ۽ پوليس جي ساراهه ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد تي ڪاهه ناڪام بڻائڻ تي اسلام آباد پوليس شاندار ڪردار ادا ڪيو، پاڪ فوج، پنجاب پوليس ۽ رينجرز به امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ۾ ڪردار اهم آهي. شهباز شريف چيو ته پوليس اهلڪار حميد شاهه عوام جي جان مال جو تحفظ ڪندي شهادت ماڻي، قوم اها قرباني هميشه ياد رکندي. وزيراعظم چيو ته شهيد پوليس اهلڪار جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن، سندس گهر ڀاتين جو مڪمل خيال رکيو ويندو. هن وفاقي گهرو وزير کي هدايت ڪندي چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو ويو. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته صورتحال تيزي سان معمول طرف واپس ٿي رهي آهي، معيشيت جي ترقي ۽ خوشحالي سندن پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته سياسي مخالفن کي پاڪستان جي معيشيت ۾ بهتري برداشت نه ٿي رهي آهي، سياسي مخالف ملڪي ترقي ۾ رنڊڪ وجهڻ چاهين ٿا. سندس چوڻ هو ته  ملڪي معيشيت جي حوالي سان ڪنهن کي غيرقانوني طور عدم استحڪام پيدا ڪرڻ نه ڏنو ويندو، ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ عالمي تقريبون معمول موجب ٿينديون. وزيراعظم چيو ته سڪيورٽي جي بهترين ۽ اعليٰ معيار جي انتظامن لاءِ قدم کڻڻ تي پورو ڌيان آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
47 %
2.4kmh
1 %
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون