- Advertisement -
سيالڪوٽ ڀرسان پڪي ڪوٽلي ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ ڦورو مارجي ويو.
پوليس موجب صدر ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربند روڊ بلاڪ ڪري شهرين کان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا، پوليس پهتي ته هٿياربندن پولس کي فائرنگ شروع ڪري ڏني.
ڦورن جي فائرنگ ۾ پوليس ڪانسٽيبل سلمان زخمي ٿي پيو، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، هڪ هٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
واقعي بعد مارجي ويل ڏوهاري جو لاس ۽ زخمي اهلڪار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته فرار ٿيل جوابدار جي ڳولا جاري آهي.- Advertisement -
