- Advertisement -
سيالڪوٽ ۾ پيٽرول هاري باهه ڏئي زال کي قتل ڪندڙ ۽ ڌيءُ کي زخمي ڪندڙ جوابدر کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.
قلعه ڪالر والا ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار زاهد محمود پنهنجي زال نيلم ۽ 8 سالن جي نياڻي امام کي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي.
اطلاع تي پوليس پهچي زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس 8 سالن جي ڌيءُ امام جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار زاهد محمود کي گرفتار ڪري ورتو.- Advertisement -
